ايراني نوجوان فائرنگ ڪري والد ۽ ڀاءُ سميت 12 ويجهن مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو

تهران: (آچر: 18 فيبروري 2024ع) ايران جي صوبي گرمان ۾ 30 ورهين جي هٿياربند شخص گهريلو تڪرار سبب فائرنگ ڪري پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سميت 12 مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

انصاف واري کاتي جي سربراهه ابراهيم حميدي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته ايراني صوبي ڪرمان جي ڏاکڻي ڳوٺ ۾ گهريلو تڪرار جي ڪري حملو ڪندڙ پنهنجي والد، ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جوابدار گرفتاري ڏيڻ جي بجاءِ سيڪيورٽي فورسز تي به فائرنگ ڪئي پر جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو.

پوليس جوابدار جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي نه ئي وري قتل ٿيندڙن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڏني وئي. پوليس چيو آهي ته قتل جي واردات جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي  ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار خانداني تڪرار سبب قتل ڪيا آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب حملو ڪندڙ ڪلاشنڪوف جو استعمال ڪندي پنهنجن مائٽن کي قتل ڪيو حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. مقامي ميڊيا موجب ايران جي ڏوراهين علائقن ۾ اهڙي طرح جا حملا عام ڳالهه آهن پر هن حملي جي نوعيت سنگين ۽ قتل وڌيڪ ٿيا آهن.

ياد رهي ته 2022 ۾ رياستي آفيس مان ڪڍڻ کان پوءِ هڪ جوابدار پاڻ کي قتل ڪرڻ کان اڳ پهريان آفيس ۾ حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا. 2016 ۾ به ايران جي ڏاکڻي ڏوراهين علائقي ۾ 26 ورهين جي شخص پنهنجي 10 مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

پي ٽي آءِ جي نون چونڊيل آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

عامر خان جي فلم “دنگل” جي اداڪاره 19 سالن جي عمر ۾ فوت

Most Popular