ڇا ڀٽو ڪيس فوج ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ غلطي دُرست ڪرڻ ۽ ساک بحال ڪرڻ جو موقعو ناهي؟چيف جسٽس

اسلام آباد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا ڀٽو ڪيس فوج ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ غلطي دُرست ڪرڻ ۽ ساک بحال ڪرڻ جو موقعو ناهي؟

چيف جسٽس چيو ته ڇا اِهو موقعو ناهي ته ٻئي ادارا پاڻ تي لڳل داغ مان جند ڇڏائين؟ مارشل لا فوج بطور ادارو ناهي لڳائيندي، هڪ شخص جو انفرادي فيل هوندو آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن ته نئين شروعات ٿيڻي آهي ته پوءِ ڇا هيءَ موقعو ناهي؟

چيف جسٽس جا ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس چيو ته غلطي ڪمن جو بار اِنهن انفرادي شخصيتن تي وجهي ادارن جو اُنهن کان لاتعقلي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ناهي؟ ڇا ائين ڪرڻ سان قوم جو زخم نه ڀربو؟اسان ماضي ۾ جيئون پيا ۽ اسان جي تاريخ رديءَ آهي

 چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا ڀٽو ڪيس جي فيصلي سان عدليه ۽ فوج لاءِ لڪير نه ڇڪجي ويندي

 عدالتي معاون مخدوم علي خان دليل ڏنا ته اڳوڻي چيف جسٽس پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته اُن مٿان فيصلي لاءِ دٻاءُ هو،پنوشي ڪيس ۾ جج تي جانبداري جو الزام به لڳو هو

Read Previous

سينيٽ اجلاس: پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن جو اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج

Read Next

نصير آباد ۾ هدايت لوهار جي قتل خلاف ڌرڻو، نادر مگسي پهتو

Most Popular