سينيٽ اجلاس: پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن جو اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج

سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر جي فوري استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته 8 فيبروري تي گوليءَ پرچيءَ کي اغوا ڪيو، ڌانڌلي ڪندڙن ملڪي سلامتي کي ڇيهو رسايو، ڌانڌليون ڪرائيندڙ قوم جا ڏوهاري ۽ ملڪ جا غدار آهن، انهن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي

پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته اسان کان پهرين چونڊ نشان کسيو ويو ۽ پوءِ مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي، اسان کان کسيل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي

 نواز ليگ جي عرفان صديقي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته 8 يا 10 سيٽون اڳتي پٺتي ٿيون هجن، هر اليڪشن ۾ ائين ٿيندو آهي

تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي عرفان صديقي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن ته ڇا خيبر پختونخواهه ۾ چونڊون امام ڪعبه ڪرايون آهن؟

هن چيو ته ڇا اتي امام ابو حنيفه ويٺو هو؟ جتان پي ٽي آءِ کي سيٽون مليون اتي شفاف چونڊون ٿيون ۽ جتان سيٽون نه مليون اتي ڌانڌليون ٿيون، ماضي ۾ نواز ليگ سان به ڌانڌليون ۽ زيادتيون ٿيون، ڪنهن به جماعت کي هيل اڪثريت حاصل نه ٿي آهي، ماضيءَ جون تلخيون وساري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي

Read Previous

عامر خان جي فلم “دنگل” جي اداڪاره 19 سالن جي عمر ۾ فوت

Read Next

ڇا ڀٽو ڪيس فوج ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ غلطي دُرست ڪرڻ ۽ ساک بحال ڪرڻ جو موقعو ناهي؟چيف جسٽس

Most Popular