لاهور: (سومر: 26 فيبروري 2024ع) پنجاب اسيمبلي ۾ وڏ وزارت جي چونڊ دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن بائيڪاٽ ڪيو ۽ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، مريم نواز پنهنجي والده ڪلثوم نواز جي تصوير کڻي ايوان ۾ پهتي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد نتيجن جو اعلان ڪيو. مسلم ليگ ن ۽ اتحادين جي گڏيل اميدوار مريم نواز 220 ووٽ حاصل ڪري پنجاب جي وڏي وزير چونڊجي وئي. مخالف ڌر جي بائيڪاٽ ۽ واڪ آئوٽ سبب راڻا آفتاب ڪو به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، اسپيڪر جي اعلان کانپوءِ مريم نواز اسپيڪر جي سيٽ سنڀالي ورتي.
سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز طرفان نعريبازي ڪئي وئي، راڻا آفتاب احمد ايوان ۾ ميمبرز جي اڪثريت جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڄ پنجاب جي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو، مريم نواز پنجاب جي سي ايم طور ميان نواز شريف جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي.