صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ واري سمري واپس ڪري ڇڏي

لاهور: (سومر: 26 فيبروري 2024ع) صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ واري سمري واپس ڪري ڇڏي.

صدر عارف علوي مخصوص سيٽن بابت نگران وزيراعظم انوارالحق جي صلاح واپس موڪلي ڇڏي آهي.

صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته پهريان عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن کي پورو ڪيو وڃي پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويندو. صدر سمري واپس وزيراعظم هائوس ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ قومي اسيمبلي جو اجلاس 26 فيبروري تي صبح 10 وڳي طلب ڪرڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي.

آئين ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لازمي آهي ۽ آئين موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي نه گهرائڻو پوندو.

Read Previous

مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

Read Next

مريم نواز پنجاب جي پهرين عورت وزير اعليٰ چونڊجي وئي

Most Popular