هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن: مراد علي شاهه

ڳڙهي خدا بخش : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن، مخالفن کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ پولنگ ايجنٽ به نه پئي مليا، مريم نواز رڳو اعلان ڪيا آهن اسان پنهنجي صوبي ۾ ڪم به شروع ڪري ڇڏيا آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي هيل وڌيڪ ووٽ ڏنا، اسان عوام جي وڌيڪ خدمت ڪنداسين

وڏي وزير ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي چادرون چاڙهي فاتحه پڙهي، ان کان اڳ مراد علي شاهه کي سي ايم هائوس ڪراچي پهچڻ تي گارڊ آف آنر ڏنو ويو، سنڌ پوليس جي جٿي پاران وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪندي سلامي ڏني وئي،

وڏي وزير سي ايم هائوس ۾ آءِ جي سنڌ سان امن امان بابت گڏجاڻي ڪئي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري سان صوبي جي مالي معاملن بابت گڏجاڻي به ڪئي

Read Previous

ڊي ايڇ او حيدرآباد ۽ ايم ايس ڪوهسار اسپتال جي لاپرواهي: 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت

Read Next

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي لاهور ۾ عورت کي مڇريل هجوم کان بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو سان ملاقات

Most Popular