آرمي چيف جنرل عاصم منير جي لاهور ۾ عورت کي مڇريل هجوم کان بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو سان ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي لاهور ۾ عورت کي مڇريل هجوم کان بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو سان ملاقات

جنرل عاصم منير اي ايس پي شهربانو جي بهادري ۽ غير يقيني صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ واري صلاحيت جي واکاڻ ڪئي

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته بهادر آفيسر شهربانو نقوي 26 فيبروري تي لاهور جي اڇرا بازار ۾ مڇريل هجوم مان عورت کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو

اهو واقعو سندس پيشيوراڻي مهارت جو اظهار ڪري ٿو، عورتن جو احترام اسان جي مذهب ۽ معاشرتي قدرن ۾ به موجود آهي، پاڪستان جون عورتون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن

آرمي چيف چيو ته خدشن ۽ شڪايتن جي حل لاءِ قانوني دڳ موجود هجن ته قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجن، بدعت جي بنياد تي پاڻمراديون ڪارروايون معاشري جي نقطه نظر کي ڪمزور ڪن ٿيون

Read Previous

هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن: مراد علي شاهه

Read Next

قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

Most Popular