اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ علي محمد خان ۽ شير افضل مروت عمران خان جا ماسڪ لڳائي قومي اسيمبلي پهچي ويا.
قومي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن علي محمد خان ۽ شير افضل خان پي ٽي آءِ باني عمران خان جا ماسڪ لڳائي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو.
پي ٽي آءِ سان جڙيل آزاد ميمبرن پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي ايوان ۾ آيا ۽ نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن اسپيڪر جي سيٽ تي بيهي عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. جڏهن ته نون چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن حلف کنيو.