قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، اسپيڪر راجا پرويز اشرف نوازشريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، خواجا آصف ۽ ٻين ميمبرز کي حلف کڻايو

 سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرز طرفان باني پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، نواز ليگ جي ميمبرز پاران گهڙي چورجا نعرا هنيا ويا

عليم خان جي حلف کڻڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرز پاران لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا ويا

حلف کڻڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري ايوان ۾ ويٺل مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل ۽ ٻين اڳواڻن سان هٿ ملايو

 نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ ٻين اڳواڻن به هڪ ٻئي سان هٿ ملايو، آصف علي زرداري حلف کڻڻ بعد اوٿ رجسٽر تي صحيح ڪرڻ آيو ته گئلري ۾ ويٺل آصفه ڀٽو زرداري اگلي باري ڦر زرداري ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻايا

Read Previous

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي لاهور ۾ عورت کي مڇريل هجوم کان بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو سان ملاقات

Read Next

شير افضل مروت ۽ علي خان قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان جا ماسڪ لڳائي پهچي ويا

Most Popular