چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لطيف کوسا وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي
محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت لطيف کوسا چيف جسٽس عامر فاروق کي چيو ته اسان سمجهيو ته توهان چيمبر ۾ گهرائي چانهن پيئاريندئو
چيف جسٽس چيو ته چانهن ته توهان کي ان کانپوءِ به پيارينداسين، عمر ايوب ۽ علي محمد خان به پهريون ڀيرو هن عدالت ۾ آيا آهن
علي محمد خان چيو ته مان انصاف لاءِ هن عدالت ۾ ايندو رهيو آهيان، چيف جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته کوسا صاحب توهان پنهنجو پورو نالو ڇا لکندا آهيو؟
سردار لطيف کوسا چيو ته منهنجي پارٽي هاڻي زور ڀري ٿي ته نالي سان گڏ سردار لکان، ان تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان کي نالي سان گڏ سردار ضرور لکڻ گهرجي