پي ٽي آءِ جا اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف مظاهرا، ڪيترائي گرفتار

تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن

لاهور ۾ مظاهري دوران پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ميان شهزاد فاروق سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن

ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد، راولپندي ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا آهن

بدين، ٺٽو، ٺري ميرواهه، ٽنڊو باگو ۽ ٻين شهرن ۾ به پي ٽي آءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف نعريبازي ڪئي وئي

Read Previous

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لطيف کوسا ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

Read Next

نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو

Most Popular