9 مئي واقعن تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ جي لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڏينهن محمود اچڪزئي چئي رهيو هو ته قرارداد پاس ڪريو ته سياست ۾ مداخلت نه ٿئي، اوهان جيتريون به قراردادون پاس ڪري وٺو، جيستائين سياستدان پاڻ هڪ ٻئي جي عزت نه ڪندا تيستائين ٻيو ڪوبه عزت نه ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري 9 مئي واقعن جي حوالي سان چيو ته مون ٻڌو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير 9 مئي واقعن جي حوالي سان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي وڏو وزير ان ڳالهه جو يقين ڏياري ته انڪوائري جي فيصلي کي سڀئي مڃيندا ته مان انهي جي حمايت ڪريان ٿو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته 9 مئي واقعن جي حوالي سان جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ چيف جسٽس کان درخواست ڪئي وڃي ته اهو انهي ڪميشن جي سربراهي ڪري.

پ پ چيئرمين سائفر جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سائفر ۾ باري ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ ڀٽو صاحب سان ڀيٽ ڪئي وئي. ڀٽو صاحب چيو هو ته سيني ۾ ملڪ جا راز کڻي ويندس، عمران خان جي گرفتاري جي ٻئي ڏينهن سائفر هڪ عالمي اشاعتي اداري ۾ شايع ٿي ويو، ڇا اوهان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي عوام بيوقوف آهي؟ سائفر جي جاچ ٿيڻ گهرجي آئين سڀني جي لاءِ آهي جيڪڏهن ڪو به آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته انهي کي سزا ملڻ گهرجي مان انهي جو ڏوهٽو آهيان جنهن ڦاسي قبول ڪئي پر پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.

بلاول ڀٽو جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبر حڪومتي ڊائس جي سامهون بيهي رهيا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. بلاول ڀٽو اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ مان چئي رهيو آهيان ته مان انهن جو دفاع ڪندس جيڪڏهن انهن جي ڪابه جائز شڪايت هوندي ته مان انهن سان گڏ بيٺل هوندس پر جيڪڏهن اهي غير آئيني ۽ غير جمهوري ڪم ڪندا ته مان انهن جي سامهون بيهي رهندس.

هن چيو ته اسان کي اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جنهن سان هي ايوان مضبوط ٿئي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن ٿئي پاڪستان جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اوهان کي مجبورن ملي فيصلو ڪرڻو پوندو پاڪستان جي عوام پيغام اماڻي رهي آهي ته اسان جي جهيڙن کان اها تنگ ٿي چڪي آهي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته عوام غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري تنگ اچي چڪي آهي، عوام ڪنهن به هڪ پارٽي کي اڪثريت ناهي ڏني. عوام اسان کي ان لاءِ ووٽ نه ڏنو ته هتي اچي گاريون ڏيو، جيڪڏهن اوهان کي ووٽ مليا آهن ته اهي ان لاءِ  ته اوهان عوام کي معاشي بحران مان  بچايو،  عام واهپي جي شين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر آمدني ۾ اضافو نه پيو ٿئي. اسان ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا آهن جنهن سان اڄ اسان جي عوام ۽ معيشت پريشان آهي اسان سڀني کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته ملي ويهو ته پاڪستان کي هن پريشانين مان ڪڍو اوهان اسان جو ساٿ ڏيو.

Read Previous

آءِ ايم ايف دوائن، پيٽروليم ۽ ٻين ڪيترين ئي شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

بئرسٽر گوهر پاران تقرير دوران بلاول تي تنقيد ڪرڻ تان پيپلزپارٽي جي ميمبرز جو گوڙ

Most Popular