آءِ ايم ايف دوائن، پيٽروليم ۽ ٻين ڪيترين ئي شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته خوراڪ، دوائون، پيٽروليم شين ۽ اسٽيشنري سميت ٻين ڪيترين ئي شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳايو وڃي.

تفصيل موجب عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايف بي آر کي ڪيترين ئي شين تي جنرل سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو جي معياري شرح ۾ آڻڻ جي سفارش ڪئي آهي جنهن ۾ غير پروسيس ٿيل خوراڪ، اسٽيشنري، دوائن، پي او ايل شيون ۽ ٻيون شامل آهن. آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته جي ايس ٽي جي شرحن کي معقول بنائڻ سان گڏيل ملڪي پيداوار(جي ڊي پي) جو 13 سيڪڙو منافعو حاصل ٿي سگهي ٿو جيڪو قومي ناڻي ۾ 1300 ارب روپين جي برابر آهي. پر آءِ ايم ايف اهو اندازو ناهي لڳايو ته جيڪڏهن ٽيڪس ۾ اضافي جي ذريعي جي ايس ٽي جو ايترو وڏو سخت قدم کنيو ويو ته ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ايندڙ مهانگائي سبب متاثر عوام کي ڪيترو نقصان پهچندو.

آءِ ايم ايف جي سفارشن ۾ پنجين شيڊول کي ختم ڪرڻ، ڇهين شيڊول جي ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ سيلز ٽيڪس جي اٺين شيڊول جي تحت ٽيڪس جي گهٽ ڪيل شرح کي ختم ڪرڻ تي روشني وڌي وئي. آءِ ايم ايف پنجين شيڊول جي تحت برآمدي شين کان علاوه سمورا زيرو ريٽنگ ختم ڪرڻ، ڇهين شيڊول جي تحت صرف رهائشي ملڪيتن(پهريان وڪرو کان علاوه) جي فراهمي تائين ڇوٽ کي محدود ڪرڻ ۽ ٻين سمورين شين کي جي ايس ٽي جي معياري شرح تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بنائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

9 مئي واقعن تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي: بلاول ڀٽو

Most Popular