بنگلاديش: ريسٽورينٽ ۾ باهه، 43 ماڻهو سڙي فوت

ڍاڪا: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنگلاديشي راڄڌاني ڍاڪا جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي صحت واري وزير سمانتا لال چيو آهي ته باهه ڍاڪا جي علائقي متمول ۾ برياني جي ريسٽورينٽ ۾ لڳي. باهه لڳڻ سبب 40 ڄڻا سڙي زخمي به ٿيا آهن جن علاج برن اسپتال ۾ جاري آهي.

فائر ڊپارٽمينٽ اختيارين موجب باهه برياني جي ريسٽورينٽ ۾ لڳي جنهن 7 ماڙ عمارت جي مٿين فلور کي به وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو. باهه ۾ ڦاٿل 75 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. فائر فائٽرز 2 ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو.

باهه جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. اختياري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

Read Previous

شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ

Read Next

پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular