پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو کي سينيٽ چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مير اعجاز جکراڻي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي پارٽي طرفان سينيٽ جو ٽڪيٽ ڏنو.

ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صوبائي صدر جعفر خان مندوخيل ٻڌايو ته مير دوستن ڊومڪي(ن) ليگ جو اميدوار هوندو، پارٽي صدر شهباز شريف ان کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن جمعيت علماءِ اسلام عبدالشڪور غيبيزئي کي سينيٽ جي ضمني چونڊن ۾ پنهنجو اميدوار بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهي  کي ٽڪيٽ اڱاري تي جاري ڪيو ويندو.

ياد رهي ته بلوچستان مان سينيٽ جي 3 خالي سيٽن لاءِ  12 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

Read Previous

بنگلاديش: ريسٽورينٽ ۾ باهه، 43 ماڻهو سڙي فوت

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف گوادر پهچي ويو، برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ مالي مدد جو اعلان

Most Popular