وزيراعظم شهباز شريف گوادر پهچي ويو، برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ مالي مدد جو اعلان

گوادر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ برسات دوران حادثن دوران فوت ٿي ويل جي وارثن لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهتو جتي بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻين شخصيتن سندس استقبال ڪيو جڏهن ته ان دوران کيس انتظاميه گوادر ۾ برسات سبب ٿيندڙ تباهي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اختيارين ۽ انتظاميه کي هدايت ڏيندي چيو ته برسات جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ جامع پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن جي وقت کان اڳ تعين لاءِ نظام واضح ڪيو وڃي. متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصان جي تفصيلي جائزي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته متاثرين جي مدد لاءِ آيو آهيان برسات سبب ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو ويندو. 26 فيبروري جي طوفاني برسات گوادر سميت بلوچستان جي ٻين حصن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. شهباز شريف چيو ته اها امداد متاثرين جي لاءِ احسان نه آهي. مصيبت وقت پنهنجن ڀائرن سان گڏ بيهڻ گهرجي. وڏي وزير جي سربراهي ۾ سمورن نقصانن جي ضابطن ۽ قانون جي تحت ادا ڪئي ويندي. وزيراعظم دوري دوران اعلان ڪيو ته جن جا گهر مڪمل تباهه ٿيا انهن کي 7 لک 50 هزار روپيه ڏنا ويندا جن جي گهر کي جزوي نقصان پهتو انهي کي ساڍا 3 لک روپيه ڏنا ويندا، برسات سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 20 لک روپيه في ماڻهو ڏنا ويندا جڏهن ته زخمين کي 5 لک روپيه في ماڻهو ڏنا ويندا. 4 ڏينهن ۾ متاثرين کي رقم ڏني ويندي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي اربع تي ڪراچي جو دورو ڪندو جتي هو قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏيندو جڏهن ته خميس تي وفاقي ڪابينه جي جوڙجڪ کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

Read Previous

پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

Most Popular