اسلام آباد: (اڱارو: 05 مارچ 2024ع) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به شامل هو. ملاقات ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير محسن نقوي به موجود هو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل هوندي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوهان ۽ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جنهن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو.
وزيراعظم چيو ته وزيراعظم جي عهدي تي ويهارڻ لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين تي ڀروسي سان گڏ انهن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. رب پاڪ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيان.