عمران خان سان علي امين گنڊاپور جي ملاقات، صوبائي ڪابينه بابت مشاورت مڪمل

راولپنڊي: (اڱارو: 05 مارچ 2024ع) پي ٽي آءِ باني عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان صوبائي ڪابينه جي باري ۾ مشاورت مڪمل ڪري ورتي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال ۽ ڪيسن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پي ٽي آءِ باني کي صوبي ۾ آئنده جي حڪمت عملي کان به آگاهي ڏني.

ملاقات کان پوءِ اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته چيف جسٽس کي گذارش آهي ته 9 مئي تي ڪميشن ٺاهيو. اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت ٿيندي ته ان جو فيصلو پي ٽي آءِ باني ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چئي رهيو آهي ته رول آف لا هجڻ گهرجي.  اسان نظريئي موجب ڪم جاري رکنداسين. اسان اهڙو نظام ٺاهينداسين جيئن آئنده ڪوبه مينڊيٽ چوري نه ٿي سگهي.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني اسان جي ٻارن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان اسان جو آهي، اسٽيبلشمينٽ به اسان جي آهي ۽ ادارا به اسان جا آهن.

Read Previous

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

Read Next

وڏي وزير، سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular