وڏي وزير، سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ پوليس ۾ ڀرتين بابت اهم اجلاس

 آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين آفيسرز جي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ پاران ايس آءِ بي اَي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ڀرتين بابت بريفنگ ڏني وئي

 بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 25 هزار اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مرحليوار ٽيسٽ شيڊول متعارف ڪرايو ويندو

 آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نئين ڀرتي سان پوليسنگ مضبوط ٿيڻ سان گڏ هزارين نوجوانن کي روزگار به ملندو

آءِ جي سنڌ چيو ته ڀرتين ۾ عورتن، اقليتن ۽ معذور ماڻهن جي مخصوص ڪوٽا تي به خاص ڌيان ڏنو وڃي، آءِ بي اي جي وائيس چانسلر چيو ته اسان جي ٽيم ان منصوبي بابت ضروري قدم کڻڻ بعد سنڌ پوليس سان رابطو ڪندي

Read Previous

عمران خان سان علي امين گنڊاپور جي ملاقات، صوبائي ڪابينه بابت مشاورت مڪمل

Read Next

ڪرمپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Most Popular