پشاور: (اربع: 06 مارچ 2024ع) پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي خيبرپختونخواهه جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪرڻ واري فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس شڪيل احمد ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اشتياق ابراهيم پڇاڻو ڪيو ته اهي سيٽون ته عورتن ۽ اقليتن جي لاءِ هونديون آهن، جيڪڏهن اوهان کي نه مليون ته پوءِ ڇا اهي خالي رهنديون، جسٽس شڪيل احمد چيو ته اليڪشن ڪميشن چئي ٿو ته چونڊن کان اڳ لسٽ ڏني ويندي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور چيو ته نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، اسان چاهيون ٿا ته جن کي سيٽون ڏنيون ويون آهن اهي حلف نه کڻن، عدالت چيو ته اوهان اهو چاهيو ٿا ته انهن کي حلف کڻڻ کان روڪيو وڃي، اسان انهي معاملي جو جائزو وٺنداسين پوءِ ڪو آرڊر جاري ڪنداسين، پشاور هاءِ ڪورٽ قاضي انور جي دليلن کان پوءِ حڪم امتناعي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
جنهن کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سڀاڻي تائين ميمبرن کان حلف نه کڻڻ جو حڪم امتناع جاري ڪيو، پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پري ايڊميشن نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالتي حڪم ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا هن عدالت وٽ فيصلو معطل ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ڇا مخصوص سيٽن لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو؟ پشاور هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي عدالتي مدد جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته عدالت لارجر بينچ جي جوڙجڪ لاءِ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو.
عدالت اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.