پنجاب جي 18 رڪني ڪابينه عهدي جو حلف کڻي ورتو

لاهور: (اربع: 06 مارچ 2024ع) پنجاب جي 18 رڪني ڪابينه حلف کڻي ورتو،  پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان صوبائي وزيرن کان حلف ورتو.

مريم اورنگزيب سينئر صوبائي وزير جو حلف کنيو، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز حلف کڻندڙ وزيرن کي مبارڪباد ڏني ۽  نئي ڪابينه جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو ته پنجاب جي نئين ڪابينه مان عوام کي تمام گهڻيون اميدون آهن، انشاءَالله عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين مان ۽ منهنجي ٽيم اڄوڪي ڏينهن تي عوام جي خدمت جو عهد ڪريون ٿا.

پنجاب ڪابينه جي نئين وزيرن ۾ مريم اورنگزيب، عظميٰ بخاري، عاشق حسين شاهه، ڪاظم پيرزاده، رانا سڪندر حيات، ذيشان رفيق، بلال اڪبر خان، صهيب احمد ملڪ، رميش سنگهه اروڙه، فيصل ايوب، شافع حسين، سهيل شوڪت بٽ شامل آهن.

Read Previous

ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو، سپريم ڪورٽ جي صدارتي ريفرنس تي راءِ

Read Next

پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular