
پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو، اسپيڪر ملڪ احمد خان عورتن جي 21 ۽ اقليتن جي 3 مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، اپوزيشن جو سخت احتجاج، گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي
سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز پاران اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو، اپوزيشن اڳواڻ راڻا آفتاب چيو ته مخصوص سيٽن وارو ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب پنجاب حڪومت اُٻهرائي ۾ ميمبرن کي حلف کڻايو
سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ ۽ انهن ميمبرز کي حلف کڻائڻ وڏي ناانصافي آهي، اسپيڪر چيو ته سڀاڻي صدارتي چونڊون آهن، سوچيو ته جمعي نماز کان اڳ اجلاس سڏايو وڃي