سياسي مسئلن تي تبصرو ناهيون ڪندا: آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ باني جو خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ باني جو خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٽر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 28 فيبروري تي پي ٽي آءِ جو خط مليو، پي ٽي آءِ جو لکيل خط پاڪستان جي قرضن واري پروگرام بابت آهي

ايسٽر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف بين الاقوامي ادارو آهي جنهن جو مينڊيٽ معاشي مسئلن جي حد تائين محدود آهي، آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو نه ڪندو آهي، آءِ ايم ايف ادراجاتي معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ چونڊ تڪرارن جي شفاف ۽ پرامن حل جي حوصلا افزائي ڪري ٿو

آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٽر پيريز وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏ اسان جي انگيجمنٽ جو مقصد مالي استحڪام آهي، اسان جو مقصد شهرين جي فائدي جي لاءِ پائيدار ۽ جامع ترقي آهي، اسان جو مقصد مضبوط پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ آهي

واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان  ڪجهه ڏينهن پهريان آءِ ايم ايف کي خط لکيو هو، جنهن جي تصديق هُن پاڻي ڪئي هئي، عمران خان خط ۾ اڳتي بيل آئوٽ پيڪيج جي وقت پاڪستان جي سياسي استحڪام کي نظر ۾ رکڻ جي درخواست ڪئي هئي

ٻئي پاسي آءِ ايم ايف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بعد پاڪستان ۾ جائزه مشن اماڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزيڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف نئين وفاقي ڪابينا جڙڻ کان فورن پوءِ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ٻئي جائزي لاءِ پاڪستان ڏانهن وفد اماڻڻ لاءِ تيار آهي

 جولي ڪوزيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو سمورو ڌيان في الحال هاڻوڪي اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل تي آهي جيڪو اپريل 2024 ۾ ختم ٿي رهيو آهي

هن جو چوڻ هو ته اسان معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون، جولي ڪوزيڪ پاڪستان جي سياسي صورتحال تي ڪو به تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Previous

پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو، اپوزيشن جو احتجاج

Read Next

محمود خان اچڪزئي صدارتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular