آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان ٻيون ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 09 مارچ 2024ع)  حڪمران اتحاد جو نامزد اميدوار آصف علي زرداري ٻيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي.

رپورٽ موجب پارليامينٽ هائوس ۾ 361 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو جن مان آصف علي زرداري 255 ووٽ حاصل ڪيا سندس مقابلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي 119 ووٽ مليا. هڪ ووٽ رد ٿيو.

آصف علي زرداري کي پنجاب اسيمبلي مان 246،  سنڌ اسيمبلي مان 151، خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان 17، بلوچستان اسيمبلي مان 48 ووٽ مليا.

سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود خان اچڪزئي پنجاب اسيمبلي مان 100، سنڌ اسيمبلي مان 9، خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان 91 ووٽ حاصل ڪيا. بلوچستان اسيمبلي مان انهي کي ڪوبه ووٽ نه مليو. ملڪ جو نئون چونڊيل صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

Read Previous

محمود خان اچڪزئي صدارتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

رمضان المبارڪ کان اڳ ايل پي جي قيمت ۾ 30 روپيه في ڪلو اضافو

Most Popular