رمضان المبارڪ کان اڳ ايل پي جي قيمت ۾ 30 روپيه في ڪلو اضافو

لاهور: (ڇنڇر: 09 مارچ 2024ع) رمضان المبارڪ جي شروعات کان اڳ ايل پي جي قيمت ۾ 30 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي.

هڪ هفتي جي دوران ايل پي جي قيمت ۾ گڏيل طور تي 53 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ايل پي جي قيمت 257 روپين مان وڌي 310 روپين تائين پهچي وئي آهي.

ايل پي جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب ايل پي جي ڪوٽه هولڊرز ۽ امپورٽرز جي ڳٺ جوڙ اوگرا نوٽيفڪيشن کان سواءِ هڪ هفتي ۾ ايل پي جي قيمت ۾ ٻيون ڀيرو 30 روپيه في ڪلو بنا ڪنهن جواز اضافو ڪري ڇڏيو. سرڪاري قيمت 257 روپيه في ڪلو جڏهن ته لاهور سميت ٻين شهرن ۾ 310 روپيه في ڪلو ۽ جابلو علائقن ۾ 360 روپيه وڪرو ڪئي ويندي.

هن چيو ته قيمت ۾ واڌ کان پوءِ گهريلو سلنڊر 3030 روپين جي بجاءِ 3700 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. گيس مافيا جي سامهون اوگرا، ايل پي جي ڊسٽري بيوٽر ۽ دڪاندار بي وس آهن. ايل پي جي جا 2 وڏا جهاز پاڪستان پهچي ويا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران جي بارڊر تي وڏي تعداد ۾ ايل پي جي  موجود آهي.

ملڪ ۾ ايل پي جي جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. رمضان المبارڪ کان اڳ بليڪ مارڪيٽ ڪندڙ ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. پاڪستان جو وزيراعظم ايل پي جي جي وڌندڙ قيمتن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي.

Read Previous

آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان ٻيون ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو

Read Next

اهم عهدن تي غير آئيني طريقي سان ويهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: بيرسٽر گوهر

Most Popular