نواز ليگ پاران پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي ٻيهر دعوت ڏيڻ جو فيصلو

مسلم ليگ نواز پاران پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي ٻيهر دعوت ڏيڻ جو فيصلو، نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل پارٽي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي

نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جلد ڪابينا جوڙي منشور تي عملدرآمد شروع ڪري ڏيو، پهاڙن جيڏا چئلينج آهن، عوام کي اسان مان وڏيون اميدون آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اڻٽر آهي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آصف زرداري جي صدر چونڊجڻ بعد هو کيس وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيهر گذارش ڪندو

Read Previous

موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

Read Next

ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي هئي، اسان صرف تجويز ڏني هئي: آصف زرداري

Most Popular