موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: (ڇنڇر: 09 مارچ 2024ع) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪجهه ڏينهن دوران ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي جي دوران موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته مغربي هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب اڄ شام کان 10 مارچ جي دوران بلوچستان ۾ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي.

ان کان علاوه تربت، ڪيچ، جيوني، اوڙماره، پسني، لسبيله، آواران، قلات ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

Read Previous

اهم عهدن تي غير آئيني طريقي سان ويهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: بيرسٽر گوهر

Read Next

نواز ليگ پاران پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي ٻيهر دعوت ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular