بلوچستان مان سينيٽ جي 3 سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي

ڪوئٽه: (سومر: 11 مارچ 2024ع)   بلوچستان مان سينيٽ جي 3 خالي سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي. اڳوڻي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مير دوستين ڊومڪي سميت نوان اميدوار آمهون سامهون آهن.

بلوچستان مان سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 3 سيٽن تي چونڊ جي لاءِ سياسي پارٽين جي وچ ۾ رابطن ۾ تيزي اچي وئي آهي. سموريون پارٽيون پنهنجي پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ سرگرم آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، مسلم ليگ(ن) اڳوڻي وفاقي وزير مير دوستين ڊومڪي کي ترجيحي فهرست ۾ پهرين نمبر تي رکيو آهي جڏهن ته جي يو آءِ قبائلي اڳواڻ عبدالشڪور غيبزئي کي اميدوار نامزد ڪيو آهي.

65 رڪني بلوچستان اسيمبلي جون 2 سيٽون سردار اختر مينگل ۽ ڄام ڪمال خان طرفان قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ سبب خالي ٿيون آهن. هڪ سيٽ جو نتيجو اڃان تائين جاري نه ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 63 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.

بلوچستان مان سينيٽر کي چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ 20 کان 21 ووٽن جي ضرورت آهي. بلوچستان اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي 17 ۽ مسلم ليگ(ن) جون 17 سيٽون، جمعيت علماءِ اسلام جون 12، بلوچستان عوامي پارٽي جون پنج، نيشنل پارٽي جون 4، اي اين پي جون 3، بي اين پي جي عوامي، جماعت اسلامي ۽ حق ڏيو تحريڪ جي هڪ هڪ سيٽ ۽ هڪ آزاد ميمبر آهي.

ٻئي طرف صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد فريد آفريدي موجب بلوچستان مان سينيٽ جي 3 خالي سيتن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. هڪ اميدوار جي هٿ کڻڻ کان پوءِ سينيٽ جي 3 خالي سيٽن تي نون اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

Read Previous

صدر آصف علي زداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

Read Next

منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو، ٻار مصيبت ۾ آهن، مجبور ٿي عدالت اچڻو پيو: خاور مانيڪا

Most Popular