منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو، ٻار مصيبت ۾ آهن، مجبور ٿي عدالت اچڻو پيو: خاور مانيڪا

اسلام آباد: (سومر: 11 مارچ 2024ع) بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته  عدالت ۾ نڪاح جو ڪيس سياسي نوعيت جو نه آهي. منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو آهي ان لاءِ مجبور ٿي مون کي عدالت اچڻو پيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو ته پهريان اسان کي خبر نه هئي ته لڪي نڪاح ڪيو ويو آهي، لڪي نڪاح ڪرڻ شريعت جي خلاف آهي، ٻار به پريشان هئا.

صحافين طرفان سوال ڪيو ويو ته ڇا ملازم محمد لطيف اوهان کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نه ٻڌايو؟ جنهن تي خاور مانيڪا چيو ته ملازم اشارو ئي ڪري سگهي ٿو، کليل طريقي سان  ڪجهه نٿو چئي سگهي.

خاور مانيڪا چيو ته ٻارن کي ته منهنجي ۽ بشريٰ بي بي جي طلاق جي به خبر نه هئي ٻارن کي اها به خبر نه هئي ته بشريٰ  بي بي ۽ عمران خان لڪي نڪاح ڪيو آهي. ٻار مڃين ئي نٿا ته انهن ٻنهي جو نڪاح ٿيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن عدالت ۾ ٻڌڻي جي لاءِ آيس ته پهريون ڀيرو عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح نامو ڏٺو. ٻارن کي عدالت مان حاضري کان پوءِ بشريٰ بي بي جي نڪاح جو ٻڌايو، ٻارن کي ٻڌايو ته پهرين جنوري 2018 ۾ نڪاح ٿي چڪو هو، مون ٻارن کي چيو ته پاڻ نڪاح نامو ڏسي آيو آهيان.

هن چيو ته منهنجا ٻار گذريل 5 سالن کان مصيبت ۾ پيل آهن مان ته عمران خان کي سڃاڻيندو به نه هئس، منهنجو پي ٽي آءِ باني سان ڪوبه ذاتي مسئلو نه آهي، مان پي ٽي آءِ باني جيان نٿو سوچيان. عدالت ۾ نڪاح جو ڪيس سياسي نوعيت جو نه آهي منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو جنهن جي ڪري مجبور ٿي مون کي عدالت اچڻو پيو.

Read Previous

بلوچستان مان سينيٽ جي 3 سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي

Read Next

ناصر حسين شاهه کي سڌ سماءَ واري وزارت ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular