اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جا پٽ حسين ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا

لاهور: (اڱارو: 12 مارچ 2024ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جا پٽ ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جا ڀاءُ حسين نواز ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا آهن.

ذريعن موجب نواز شريف جاتي عمرا پهچڻ تي پنهنجي ٻنهي پٽن جو استقبال ڪيو. ياد رهي ته حسين نواز ۽ حسن نواز ڪافي وقت کان لنڊن ۾ موجود هئا. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ 3 ريفرنسز ۾ نوازشريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جي گرفتاري وارنٽ جي معطلي جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

حسن نواز ۽ حسين نواز جي وڪيل چيو ته حسن ۽ حسين نواز 12 مارچ تي پاڪستان اچڻ ۽ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهيو ٿي.. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا.

عدالت 14 مارچ تائين جي لاءِ ٻنهي جا العزيزيه فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ دائمي گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا.

Read Previous

آصف حيدر شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

15 ڏينهن کان پوءِ خبر پوندي ته نااهل حڪومت پاڪستان سان ڇا ڪرڻ واري آهي: فيصل واوڊا

Most Popular