آصف حيدر شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اڱارو: 12 مارچ 2024ع) آصف حيدر شاهه کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

آصف حيدر شاهه گريڊ 22 جو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو آفيسر آهي، انهي کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

آصف حيدر شاهه جي بطور چيف سيڪريٽري مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آصف حيدر شاهه،  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڀيڻويو آهي اهو ان کان اڳ به سنڌ جو چيف سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته آصف حيدر شاهه ڪراچي جي ڪمشنر طور تي به پنهنجا فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

Read Previous

ناصر حسين شاهه کي سڌ سماءَ واري وزارت ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جا پٽ حسين ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا

Most Popular