قومي اسيمبلي: ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو قرارداد منظور

اسلام آباد: (اربع: 13 مارچ 2024ع) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو قرارداد منظور ڪيو ويو.

منظور ڪيل قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري ريفرنس فائل ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پيروي ڪئي، قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي راءِ ڏيڻ تي ان کي مبارڪباد ڏئي ٿي.

ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته موت جي سزا وارو غير منصفاڻو فيصلو تبديل ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور شهيد قرار ڏئي کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏنو وڃي.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جهموريت لاءِ جان قربان ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ نشان ذوالفقار علي ڀٽو ايوارڊ قائم ڪيو وڃي.

ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي، پنجاب، بلوچستان ۽ سينيٽ مان به ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ جا قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ٿي چڪا آهن.

Read Previous

ڪالاباغ ڊيم جو حامي ظفر محمود ارسا جو چيئرمين مقرر

Read Next

ٽئڪس نظام ۾ شفافيت ترجيح، قومي آمدني ۾ ٽئڪسن جو حصو 10 سيڪڙو تائين ڪرڻ چاهيون ٿا: ناڻي وارو وزير

Most Popular