ٽئڪس نظام ۾ شفافيت ترجيح، قومي آمدني ۾ ٽئڪسن جو حصو 10 سيڪڙو تائين ڪرڻ چاهيون ٿا: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: (اربع: 13 مارچ 2024ع) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽئڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان قومي آمدني ۾ ٽئڪسن جو حصو 10 سيڪڙو تائين پهچائڻ چاهي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدت وارو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جي حساب سان وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.

هن چيو ته معيشت جي بهتري آءِ ايم ايف کان وڌيڪ سندن حڪومت جو هدف آهي، وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي بهتري لاءِ ڪليئر ويجن رکي ٿو، وزيراعظم معاشي نظم ۽ ضبط قائم رکڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽان موجودا قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ ڪا به رنڊڪ نه آهي، آءِ ايم ايف کي موجودا قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ 1.1 ارب ڊالر ڏيڻا آهن.

ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام جو شروعاتي خاڪو تيار ڪري رهيا آهيون، معاشي استحڪام آءِ ايم ايف ۽ حڪومت جو گڏيل هدف آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ نگران سرڪار ڌيان سان ڪم ڪيو، نجڪاري وارا معاملا فواد حسن فواد ڏاڍي دلچسپي ۽ محنت سان هلايا، آمدني ڊجيٽل طريقي سان گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته ٽئڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، قومي آمدني ۾ ٽئڪس جو حصو 10 سيڪڙو تائين پهچائڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام سان گڏ ماحوليات فنڊنگ تي به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ماحوليات جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف ڪجهه ملڪن کي ڪوٽا کان وڌيڪ قرض ڏيندو آهي.

Read Previous

قومي اسيمبلي: ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو قرارداد منظور

Read Next

اسلم ابڙو 57 ۽ سيف الله ڌاريجو  58ووٽ کڻي سنڌ مان سينيٽر ٿي ويا

Most Popular