وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: سنڌ جي سخت احتجاج بعد  وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي  مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

وزير اعظم شهباز شريف سنڌ جي احتجاج تي نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي

گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت طرفان ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو هو

جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي محمود ظفر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو هو

وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  هو ته وزيراعظم کي سنڌ جا خدشا ٻڌائي ڇڏيا، ارسا چيئرمين جي مقرريءَ کي رد ڪيون ٿا، سنڌ ڪابينا ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي

Read Previous

اسلم ابڙو 57 ۽ سيف الله ڌاريجو  58ووٽ کڻي سنڌ مان سينيٽر ٿي ويا

Read Next

پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽس بابت سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد

Most Popular