اسلم ابڙو 57 ۽ سيف الله ڌاريجو  58ووٽ کڻي سنڌ مان سينيٽر ٿي ويا

اسلم ابڙو 57 ۽ سيف الله ڌاريجو  58ووٽ کڻي سنڌ مان سينيٽر ٿي ويا، اسلام آباد مان پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني  به سينيٽر ٿي ويو

 سينيٽ جي خالي 6  سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ اسلام آباد جي هڪ، سنڌ جي 2 ۽ بلوچستان جي 3  جنرل سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليز ۾ پولنگ دوران ميمبرز طرفان ووٽ ڪاسٽ  ڪيا ويا

 سنڌ اسيمبلي ۾ 124 ووٽ  ڪاسٽ ٿيا، هڪ ووٽ خارج ، پ پ جي نامزد اميدوارن  اسلم ابڙو کي  57 ۽ سيف الله ڌاريجو کي  58 ووٽ مليا، سني اتحاد ڪائونسل جي نذير الله  ۽ شازيا سهيل 4-4  ووٽ کنيا

 بلوچستان مان  پ پ جو عبدالقدوس بزنجو،  ن ليگ جو مير دوستين ڊومڪي ۽ جي يو آءِ  جو عبدالشڪور سينيٽر چونڊجي ويا

پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان  204 ووٽ کڻي سينيٽر  چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار الياس مهربان کي 88 ووٽ  ملي سگهيا

Read Previous

ٽئڪس نظام ۾ شفافيت ترجيح، قومي آمدني ۾ ٽئڪسن جو حصو 10 سيڪڙو تائين ڪرڻ چاهيون ٿا: ناڻي وارو وزير

Read Next

وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

Most Popular