حيسڪو جي ٽن ڊويزنز ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل، وڌيڪ 4 ڄڻا گرفتار

حيسڪو جي ٽن ڊويزنز ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل، ايف آءِ اي اسسٽنٽ انجنيئر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ذريعن موجب سانگهڙ، قاسم آباد ۽ نواب شاھ جي حيسڪو ڊويزنن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ايڪسيئن ۽ ايس ڊي اوز سميت فنانس ڊپارٽمينٽ جا عملدار ملوث، ايف آءِ اي شروعاتي طور سانگهڙ ڪرپشن معاملي جي جاچ مڪمل  ڪري ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي

 حيدرآباد ۾ ڪاررواين دوران اسسٽنٽ انجنيئر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ايف آءِ اي پاران سانگهڙ ميگا ڪرپشن  ڪيس ۾ ٺٽي جي ايڪسيئن سميت51 آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو

 ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد ايڪسيئن مجيب الرحمان کان فوري طور چارج ڇڏرائي وئي، ڪيترائي آفيسر فرار، ڪرپشن الزام هيٺ آيل عملدارن ۾ ايڪسئين حسيڪو امير ميمڻ، مجيب الرحمان سيال، عقيل نور ميمڻ ۽ رشيد احمد انصاري شامل آهن

 ايڪسيئن انعام ابڙو، ايڪسيئن نزاڪت علي ميمڻ ۽ اڪائونٽس آفيسر سجاد احمد اوڍاڻو کي نامزد ڪيو ويو

 اڪائونٽس شعبي جي غلام محمد، ديپڪ پنياري، وسيم اقبال، افتخار محمود، غلام  محمد ۽ سعيد الحسن به ڪيس ۾ نامزد، الطاف سومرو، نعيم الدين، ريحان  رياست، عبدالعزيز، عشرت علي خان، صديق  سومرو، شيراز ۽ دين محمد به ڪيس ۾ نامزد ڪيا ويا

Read Previous

پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم

Read Next

اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

Most Popular