اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (خميس: 14 مارچ 2024ع)  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيف اليڪشن ڪميشن کي سفير بنائڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ جون خبرون بي بنياد آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت طرفان اهڙي ڪابه آڇ نه ڪئي وئي آهي نه ئي چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهڙو ارادو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ئي رهندو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڪنهن به پرڏيهي ملڪ جي اسائمنٽ جو طلبگار نه آهي. اهڙيون افواهون پکيِڙيندڙ اهڙي عمل کان پاسو ڪن. چيف اليڪشن ڪمشنر اهڙن شرپسند عناصرن جو مقابلو ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

ياد رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر روس ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ پاڪستان طرفان مبصر طور شريڪ ٿي رهيو آهي جنهن تي اهي افواهون هلي رهيون آهن ته انهي کي سفير بنايو پيو وڃي.

Read Previous

حيسڪو جي ٽن ڊويزنز ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل، وڌيڪ 4 ڄڻا گرفتار

Read Next

حسن ۽ حسين نواز احتساب عدالت ۾ پيش، گرفتاري وارنٽ ملتوي، ضمانت منظور

Most Popular