پشاور: (جمعو: 15 مارچ 2024ع) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اين اي 44 ڊي آءِ خان تي ننڍي چونڊ لاءِ ٽڪيٽ ڀاءُ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
هڪ وڊيو بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته مان اين اي 44 ڊي آءِ خان جي سيٽ ڇڏي ڏني آهي.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني پڇيو ته ڀاءُ کي ڪابينا ۾ ڪٿي ايڊجسٽ ڪري رهيا آهيو؟ مان چيو فيصل امين هاڻ اليڪشن وڙهي ايم اين اي بڻجندو، عمران خان کي خبر نه هئي ته فيصل امين کي اڃا چونڊ وڙهڻي آهي.