9 مئي واقعن ۾ ملوث ملڪ دشمن پارٽي پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد: (جمعو: 15 مارچ 2024ع) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شر پسند آءِ ايم ايف کي چئي رهيا آهن ته سندن ليڊر آزاد ٿئي ته پوءِ پاڪستان کي امداد ڏيو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته اقتدار سنڀاليندي ئي معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، وزيراعظم ملڪ جي مسئلن جو جلد حل چاهي ٿو.

هن چيو ته هي ملڪ ان لاءِ نه ٺاهيو ويو جنهن ايجنڊا تي اڄ تحريڪ انصاف هلي رهي آهي، اسان ميثاقِ معيشت جي ڳالهه تڏهن ڪئي جڏهن مخالف ڌر ۾ هئاسين، اسان مسئلا پيدا ڪرڻ لاءِ نه، مسئلن جي حل لاءِ آيا آهيون، عوام اسان کي مسئلن جي حل لاءِ چونڊيو آهي.

سندس چوڻ هو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شر پسندن آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ٻاهران احتجاج ڪيو، هو آءِ ايم ايف کي چئي رهيا آهن ته اسان جي ليڊر کي آزاد ڪيو وڃي ته پوءِ پاڪستان کي امداد ڏيو، قوم کي چوندا هئا ته آمريڪا سازش ڪئي، هاڻي آمريڪا ۾ ويهي مظاهرا ڪري رهيا آهن، نوَ مئي ۾ ملوث ملڪ دشمن پارٽي پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي.

Read Previous

گذريل حڪومت جي هدف کان ٻيڻ تي وڻ پوکينداسين: وزيراعظم

Read Next

علي امين گنڊاپور جو ضمني چونڊ لاءِ ڀاءُ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular