سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو وزيرعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو، منصب سنڀالڻ تي مبارڪون، شهباز شريف طرفان سعودي ولي عهد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت

وزيراعظم هائوس موجب سعودي ولي عهد شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم حرمين شريفين  جي متولي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت ۽ تندرستي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو

وزيرعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، سعودي ولي عهد چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم سعودي قيادت ۽ عوام کي رمضان جي مبارڪباد به ڏني

شهباز شريف چيو ته دعا آهي ته مقدس مهينو سموري دنيا جي مسلمانن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي، سعودي عرب سان  تاريخي ۽ ڀائپي جي لاڳاپن تي فخر آهي، ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندا

Read Previous

سعودي ولي عهد جو وزيرعظم سان ٽيليفونڪ رابطو، منصب سنڀالڻ تي مبارڪون

Read Next

سينيٽ جي 48 سيٽن تي اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن

Most Popular