سينيٽ جي 48 سيٽن تي اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن

سينيٽ جي 48 سيٽن تي اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن، پنجاب ۽ سنڌ جي 12-12، بلوچستان  ۽ خيبرپختونخوا  جي 11-11 سيٽن تي 2 اپريل تي چونڊون ٿينديون

اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن سيٽن تي به اليڪشن ٿيندي، سنڌ ۾ 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽس ۽ هڪ اقليتي سيٽ لاءِ چونڊ ٿيندي، سڀاڻي اميدوارن جي شروعاتي لسٽ جاري ڪئي ويندي

نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 19 مارچ تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 21 مارچ تائين داخل ڪرائي سگهبيون، ٽربيونل 25 مارچ تائين اپيلن تي فيصلا ٻڌائيندا، اميدوارن جي حتمي لسٽ 26 مارچ تي جاري ڪئي ويندي

سينيٽ جي چونڊن لاءِ اسيمبليز ۾ پولنگ 2 اپريل تي ٿيندي، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن نجيب هارون، ابوبڪر، رئوف صديقي ۽ ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، فيصل واوڊا به اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا

Read Previous

سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو وزيرعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو، منصب سنڀالڻ تي مبارڪون، شهباز شريف طرفان سعودي ولي عهد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت

Read Next

اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو

Most Popular