آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جون وزيراعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقاتون

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جون وزيراعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقاتون، ڊونلڊ بلوم پي ايم هائوس پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون، آمريڪي سفير شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون، ڊونلڊ بلوم پارليامينٽ هائوس پهچي اياز صادق سان به ملاقات ڪئي، آمريڪي سفير اياز صادق کي اسپيڪر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، اياز صادق چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، آمريڪي سفير پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي مضبوطي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو

Read Previous

اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو

Read Next

مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جو فيصلو ڪري ورتو ته حڪومت هلي ويندي: اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري

Most Popular