اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو

اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، ليفٽيننٽ ڪرنل، ڪيپٽن ۽ 5 اهلڪار شهيد، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد به مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چوڪي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن بعد ڪيترائي آپگهاتي بم حملا ٿيا، پڌرائي موجب ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جي قيادت ۾ فوجي جٿن اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي سمورن 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد بدر دليراڻي ويڙهه ڪندي شهيد ٿي ويا، بهادري سان ويڙهه ڪندي شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ حوالدار صابر، نائڪ خورشيد، سپاهي ناصر، سپاهي راجا ۽ سپاهي سجاد شامل

Read Previous

سينيٽ جي 48 سيٽن تي اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن

Read Next

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جون وزيراعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقاتون

Most Popular