ارسا جي آرڊيننس سان سنڌ جو ڪو تعلق نه آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا جي آرڊيننس سان سنڌ جو ڪو تعلق نه آهي، اهو قومي اسيمبلي جو معاملو آهي، ملڪ ۾ اڃا تائين 2010 وارو اين ايف سي ايوارڊ هلي رهيو آهي، اسان وفاق کي نئون ايوارڊ ڏيڻ لاءِ چيو آهي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته سنڌ مان سينيٽ جي سمورين سيٽن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿين، ٻيون جماعتون به ميدان ۾ لٿل آهن، ڳجهي ووٽنگ دوران ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڪري سگهن ٿا

هن چيو ته  صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي سفارش تي پوليس آفيسرز جون بدليون ڪيون ويون آهن، ضرورت پوڻ تي وڌيڪ بدليون به ڪنداسين، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي گهربل بدلين بعد هاڻي امن قائم ڪري ڏيکارڻو پوندو

Read Previous

مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جو فيصلو ڪري ورتو ته حڪومت هلي ويندي: اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري

Read Next

شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو

Most Popular