شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو

شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽِي فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو، فاطمه ڀٽو پنهنجي پٽ جو نالو شهيد والد جي نالي سان مير مرتضيٰ بائرا رکي ڇڏيو

انسٽا گرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي پئي ٿئي ته اسان کي پٽ ٿيو آهي، فاطمه ڀٽو چيو ته اسان پنهنجي پٽ کي اهڙو نالو ڏيڻ پئي چاهيو جيڪو هن کي پيار، محبت، طاقت ۽ بي خوفي جو احساس ڏياري، پٽ تي نالو رکڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سوچيو ۽ هر ڀيري منهنجي والد مير مرتضيٰ ڀٽو جو نالو سامهون آيو

فاطمه ڀٽو گذريل سال 28 اپريل تي ستر ڪلفٽن ڪراچي ۾ گراهم بائرا عرف جبران سان پرڻو ڪيو هو

Read Previous

ارسا جي آرڊيننس سان سنڌ جو ڪو تعلق نه آهي: مراد علي شاهه

Read Next

سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

Most Popular