وڏي وزير مراد علي شاهه جو هڪ مدو پورو ٿي ويو ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي وارو واعدو وفا نه ٿيو

ٺل(رپورٽر) ٺل ويجهو پ پ ايم پي اي جي ڳوٺ مان اغوا ٿيل معصوم نينگري فضيلا سرڪي جو 16 سالن کان ڪو پتو پئجي نه سگهيو. امڙ جو نياڻي جي جدائي ۾ جيء جهري پيو

روئي روئي اکين جو نور وڃائي ويٺي. فضيلا سرڪي جي والدين سان  نياڻي جي بازيابي وارو ڪيل واعدو به وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه وفا نه ڪيو. ٺل ويجهو پ پ جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي  مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگري فضيلا سرڪي کي اغوا ڪئي 16 سال ٿي ويا پر معصوم نينگري جو پتو نه پئجي سگهيو آهي

فضيلا سرڪي جو امڙ سڪينه سرڪي ۽ والد عبدالرزاق سرڪي پنهنجي نياڻي جي بازيابي لاء سنڌ جي مختلف شهرن ٺل، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو. ڪراچي ۾ به احتجاج ڪيو ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ايس ايس پي جيڪب آباد جي بنگلن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود به ڪجهه نه ٿيو. نينگري جي اغوا ڪيس جي جوابدارن الله ورايو، قادر بخش، ڪريم بخش، لعل محمد، بابو سرڪي سميت ٻين جوابدارن تي اغوا ڪيس داخل هجڻ باوجود به پوليس انهن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

فضيلا سرڪي جي اغوا ۾ نامزد ٿيل بدنام ڌاڙيل ٻڍو سرڪي کي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ بعد فضيلا سرڪي جو اغوا وارو مامرو وڌيڪ رولڙي ۾ پئجي ويو ڇوته بدنام ڌاڙيل ٻڍو سرڪي پاران اغوا ڪرڻ بعد واپس ڪرڻ جو والدين کي آسرو ڏنو هو پر هن جي قتل ٿيڻ بعد معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينه سرڪي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي فضيلا جي جدائي ۾ 16 سالن کان روئي روئي اکين جو نور وڃائي ويٺي آهي

اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دور ۾ گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي واري علائقن ۾ ڪاروايون ڪيون پر اتان به  ڪاميابي نه ملي سگهي. جڏهن ته گذريل پ پ جي حڪومت ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ٺل پهتو هو ته فضيلا جي والدين گاڏي روڪي دانيهو هو جتي هن واعدو ڪيو هو فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائيندس پر هو ٽيون ڀيرو وزير اعلي ٿيو آهي پر پوء به پنهنجو فضيلا جي بازيابي ڪرائڻ جو واعدو وفا ناهي ڪيو

ر

Read Previous

ڪرمپور ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد قتل

Read Next

اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، دهشتگرد ڪمانڊر صحرا جانان 8 ساٿين سوڌو مارجي ويو

Most Popular