ڪرمپور ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد قتل

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي نجي اسڪول جو استاد قتل ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ استاد بدامني سبب بندوق کڻي اسڪول وڃي رهيو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي

ڪرمپور ويجهو ڳوٺ نصرالله بجاراڻي  ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نجي اسڪول جو استاد قتل ٿي ويو

ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري  نجي اسڪول جي استاد الهرکيو نندواڻي  کي قتل ڪري فرار ٿي ويا

اطلاع بعد وارث پهچي مقتول جو  لاش گهر کڻائي ويا، پوليس واقعي  واري هنڌ ڏانهن رواني

مقتول استاد جي ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول وڃڻ واري  وڊيو به وائرل ٿي هئي

Read Previous

سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

Read Next

وڏي وزير مراد علي شاهه جو هڪ مدو پورو ٿي ويو ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي وارو واعدو وفا نه ٿيو

Most Popular