فوج ۾ افغان شهري ليفٽيننٽ ۽ ڪيپٽن جي عهدن تي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف: مون کين ڪڍي ڇڏيو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (م ڊ) فوج ۾ ليفٽيننٽ ۽ ڪيپٽن رينڪ تي افغان شهرين جي ڀرتي ٿي اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف ڪيو آهي

هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪجهه اهڙين فائلن تي صحيح ڪئي آهي جن ذريعي ليفٽيننٽ ۽ ڪيپٽن رينڪ جي افغان شهرين کي فوج مان ڪڍيو

هن چيو ته بچاءُ واري وزير طور انهن فائلن تي صحيح ڪئي، جن افغان شهرين کي فوج مان ڪڍيو ويو انهن ۾ هڪ ڪيپٽن هو ۽ هڪ لفيٽيننٽ هو

هڪ بيان م خواجه آصف  چيو ته انهن ٽي چار هزار ماڻهن کان سواءِ جن کي پي ٽي آءِ باني آندو هو باقي دهشتگرد هن وقت افغان سر زمين تي ترسيل آهن،ان لاءِ قومي اسيمبلي کي بريفنگ به ڏني وئي هئي. 2022ع جي ڳالهه آهي، ان کان پوءِ وڌيڪ نه آيا. هن چيو ته افغانستان سان ڪي نوان اصول طئه ڪرڻ نٿا چاهيون، جيڪو ماضي گذريو آهي، 40،30 سالن جو ڪلين بريڪ ڪيو وڃي

خواجه آصف چيو ته  ٽي ٽي پي کي آڻڻ، معاشي تباهي ۽ نواز شريف کي فارغ ڪرڻ تي پڇڻ گھرجي. جنرل (ر) باجوه، فيض ۽ پي ٽي آءِ باني پارليامينٽ کي جواب ڏين

هن وڌيڪ چيو ته گهر اسين گھڻا ڀيرا ويا آهيون، گھر ۽ جيل جو رستو خبر آهي، ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪندڙ هي ڪير ٿيندا آهن.  هن چيو ته ملڪ ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان کي پي ٽي آءِ باني ٻيهر اچڻ ڏنو، عمران خان ۽ باجوه کي قومي اسيمبلي طلب ڪيو وڃي

Read Previous

سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، نوٽيفڪشن جاري

Read Next

سپريم ڪورٽ 9 مئي سانحي جي 5 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

Most Popular