سپريم ڪورٽ 9 مئي سانحي جي 5 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ  9 مئي سانحي جي 5 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جسٽس جمال خان مندوخيل جي  سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ  ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

جسٽس جمال مندوخيل پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته اصل دهشتگردن کي پڪڙيو نه ٿا، ريلين وارن جي پويان لڳا پيا آهيو

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جوابدارن پنهنجي ليڊر جي گرفتاري تي سازش تحت حساس ادارن تي حملا ڪيا، ڇا بم ڌماڪن وارن جي سازش ڪڏهن پڪڙي وئي آهي؟  اصل دهشتگردن جي سازش پڪڙيو ته ڪو به شهيد نه ٿئي

هن چيو ته واقعو راولپنڊي جو آهي ۽ گواهه لاهور جو آهي، ڇا حڪومت خلاف ٽائر ساڙڻ وڏو ڏوهه آهي؟ حڪومت ۽ رياست عوام لاءِ ماءُ  جيتري اهميت رکي ٿي، ٻارن کي والدين ٻه چماٽون به وهائي ڪڍن ته بعد ۾ پرچائي وٺندا آهن پر  قتل ناهن ڪندا

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پوليس وٽ شاهديءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به ثبوت موجود نه آهي، جوابدار اويس، سيف الله، نصر الله، ڪامران ۽ وقاص جي 50-50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور، جوابدارن خلاف حمزه ڪئمپ تي  حملي  سميت ڀڃ ڊاهه جو  الزام هو

Read Previous

فوج ۾ افغان شهري ليفٽيننٽ ۽ ڪيپٽن جي عهدن تي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف: مون کين ڪڍي ڇڏيو آهي: خواجه آصف

Read Next

بلوچستان جي هرنائي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڌماڪو، 12 پورهيتن جا لاش هٿ

Most Popular