شهباز شريف فارم 47 جو وزيراعظم آهي ان سان فارم 45 ۽ 47 تي ڇا ڳالهائيندس: علي امين گنڊاپور

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته شهباز شريف پاڻ فارم 47 جو وزيراعظم آهي ان سان فارم 45 ۽ 47 تي ڇا ڳالهائيندس، ڊونلڊ لُو ڪوڙ ڳالهايو آهي

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سائيفر نه هو ته پوءِ پي ٽي آءِ باني کي غلط سزا ٻڌائي وئي، جيڪڏهن سائيفر آهي ته پوءِ پاڪستان خلاف سازش ۽ مداخلت ٿي آهي

هن چيو ته ڊونلڊ لُو جي بيان تي اسد مجيد کي طلب ڪرڻ گهرجي، اسد مجيد کان اهو پڇيو وڃي ته جيڪڏهن سائيفر نه هو ته پوءِ ڊيمارش ڇو ڪيو ويوعلي امين گنڊاپورجڊيشل ڪامپليڪس تي حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت علي امين گنڊاپور جي 17 اپريل تائين گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

Read Previous

عورت کيرپياڪ ڌي گهر ڇڏي سير تي نڪري وئي، نينگري فوت، عمر قيد سزا

Read Next

جيل سپرنٽنڊنٽ جو عمران جي سندس وڪيلن سان آن لائين ملاقات ڪرائڻ کان انڪار

Most Popular